شڪيل احمد ضياءَ

شڪيل احمد ضياءَ

ضياء شڪيل احمد

ضياءَ، شڪيل احمد: ناليوارو شاعر، ليکڪ، محقق ۽ لسانيات جو ماهر، شڪيل احمد ضياءَ، 25 ڊسمبر 1921ع تي جهانسي (يو. پي) ۾ جنم ورتو. سندس والد ناصر علي، شيخ الهند محمود حسن جو ڀائٽيو هو. شڪيل احمد عليڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ مان پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد 1934ع ۾ صحافت سان عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. صحافتي ذميوارين نڀائڻ سان گڏ شاعري به ڪندو رهيو. ورهاڱي بعد خاندان سميت لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سندس لکيل ڪتابن ۾ ‘سنڌ ڪا مقدما بجواب پنجاب ڪا مقدما’، ‘پاڪستان ڪي منظوم تاريخ’، ‘گيت مالا’ (1941ع)، ‘توريت عجم’ (1944ع)، ‘موج صبا’ (1964ع)، ‘موج گُل’ (1974ع) ۽ ‘شعلا رنگ’ (1980ع) ڇپيل آهن. هن ستين مارچ 1999ع تي وفات ڪئي، کيس ڪراچي ۾ دفنايو ويو. (حوالا: ڪرونيڪل ص 398)


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.12.25  عيسوي

شڪيل احمد ضياءَ، 25 ڊسمبر 1921ع تي جهانسي (يو. پي) ۾ جنم ورتو.


1999.03.07  عيسوي

شڪيل احمد ضياءَ ستين مارچ 1999ع تي وفات ڪئي، کيس ڪراچي ۾ دفنايو ويو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرم ابيچنداڻي
صابري عبدالغفار مولانا
رشيد آخوند
آسانند مامتورا
شمشاد احمد سومرو
ارباب علي عادل چوهاڻ
رانٽو عبدالقادر
زيب سنڌي
اويس ڀٽو
خالد سنڌي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون